دليل مڃون ته مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ملي وينديون: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيلن دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال سوال ڪيو ته  هڪ ئي پارٽي کان ڊڪليرريشن ۽ نامزدگي ڪاغذن وارو ڇا آزاد اميدوار هوندو؟ آزاد اميدوار نه ئي ڪنهن پارٽي ۾ وڃي سگهي ٿو؟ اوهان چئي رهيا آهيو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ اچڻ ڏيو. ان تي وڪيل فيصل صديقي چييو ته جيڪڏهن ڪو آزاد اميدوار منهنجي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي ته ڇو انڪار ڪندس، ان تي جسٽس عرفان سعادت چيو ته اوهان جي پارٽي کي ته بونس ملي ويو، اليڪشن ۾ حصو ورتو نه سيٽ کٽي، جن اليڪشن کٽي انهن اوهان جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن حقيقتون لکيون آهن. جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا درست هوندو چوڻ ته چونڊون شفاف ٿيون؟ سڀ معمول موجب هو؟ جسٽس جمال چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو ته اليڪشن ڪميشن غلط چيو ته ڇا ڪيس هوندو؟ ان تي فيصل صديقي چيو ته پوءِ سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻو پوندو. جسٽس جمال چيو ته اليڪشن ڪميشن مڃي رهيو آهي ته ڪنهن پارٽي جي ڊڪليريشن ڏني ان کي نه پيو ڇڏيو وڃي، حامد رضا چيو ته سني اتحاد ڪائونسل سان واڳيل هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو؟ ان تي فيصل صديقي چيو ته حامد رضا تحريڪ انصاف سان واڳيل هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته بيٽ جي نشان جو فيصلو اچڻ کان اڳ حامد رضا پي ٽي آءِ جو نامزد هو، اليڪشن ڪميشن غلط تشريح ڪئي جنهن سبب تڪرار پيد اٿيو، اليڪشن ڪميشن آئيني اداري طور پنهنجي ذميواري مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ٻڌڻي دوران آزاد اميدوارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف سان واڳيل اميدوارن کي آزاد قرار ڏنو ويو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب اسان کي آزاد اميدوار مڃيو وڃي. ان تي جسٽس جمال چيو ته اهڙو ڪو فيصلو ناهي جن ۾ سڀني اميدوارن کي آزاد قرار ڏنو هجي، جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن جي جمع ڪرايل رڪارڊ کي گوهر علي خان نه مڃيو گوهر علي چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل رڪارڊ سپريم ڪورٽ ۾ نه ڏنو. عدالت چيو ته ڪيس اهم آهي، سنجيده سوال اليڪشن ڪميشن جي ذميواري تي اٿيا آهن، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ سامهون رڪارڊ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اليڪشن ڪميشن پاڻ کي هڪ پارٽي ظاهر ڪري رهيو آهي، ڪنهن زماني ۾ ادارا هڪ باڊي سمجهيا ويندا هئا، هاڻي ته اليڪشن ڪميشن به پنهنجو ڪيس کٽي آيو آهي. تنهن کانپوءِ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو ته فيصلو ٻڌائڻ باتب پاڻ ۾ مشاورت ڪنداسين ۽ فيصلو ڪڏهن ٻڌايو ويندو، اڃا ڪجهه نٿا چئي سگهون. تنهن بعد عدالتي عملي ڌرين کي آگاهه ڪيو ته مختصر فيصلو اڄ نه ٻڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.