اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته فون ٽيپنگ معاملي تي آئين بلڪل واضح آهي، هن چيو ته آئين جي اها ئي مقصد آهي ته پرائيويسي ڪنهن جي به متاثر نه ٿي، ڪير به فون ٽيپنگ نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته جيڪي به ماڻهو ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث آهن، انهن تي نظر رکڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي، بئريسٽر گوهر چيو ته فون ٽيپنگ تي بليڪنٽ قسم جو نوٽيفڪيش آئين جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته گذريل سال به سپريم ڪورٽ ۾ فون ٽيپنگ بابت اسان درخواست داخل ڪرائي هئي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ڪنهن به پارٽي کي کٽيل سيٽن کان وڌيڪ سيٽون ڏيڻ آئين جي خلاف آهي، مخصوص سيٽون ڏيڻ اسان جو حق هو، اڄ مختصر فيصلو اچي ها ته خوشي ٿئي ها. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته آرٽيڪل 51 موجب ڪا به سياسي پارٽي وڌ کان وڌ سيٽون ان جي کٽيل سيٽن مطابق هجن، ڪنهن به پارٽي کي کٽيل سيٽن کان وڌيڪ سيٽون ڏيڻ آئين جي خلاف آهي . بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ چيو پيو وڃي ته سني اتحاد ڪائونسل سيٽون کٽيون آهن يا نه ، مخصوص سيٽون ڏيڻ اسان جو حق آهي، اڄ جيڪڏهن مختصر فيصلو اچي ها ته اسان کي خوشي ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته مخصوص سيٽن سبب سينيٽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون نه ٿي سگهيون.