نوشهري ۾ ڌيءُ کي دفن ڪندڙ جوابدار 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهري فيروز ۾ علاج جا پئسا نه هجڻ تي 2 هفتا اڳ ڄاول معصوم نياڻي کي دفن ڪرڻ واري معاملي ۾ پوليس گرفتار جوابدار طيب کي فرسٽ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت ڌيءُ کي دفن ڪندڙ جوابدار کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب، نينگري جي قبرڪشائي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته جوابدار خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

  1. رٽرننگ آفيس ٻيهر ڳڻپ جو پابند آهي، هن کي حڪم ڏيڻو هو: جسٽس عقيل

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ چونڊ عذرداري اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته فارم 47 ڇا آهي ۽ قانون ۾  فارم 47 ڇا کي چئجي؟ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اين اي 81 جي اليڪشن عذرداري بابت (ن) ليگ اڳواڻ اظهر قيوم نارا جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل احسن ڀون چيو ته منهنجي اصيل کي ٻيهر ڳڻپ ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو.  ان تي جسٽس عقيل عباسي چيو ته ريٽرننگ آفيسر ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي حڪم نه ڏنو، ريٽرننگ آفيسر قانون موجب ٻيهر ڳڻپ جو پابند هو، توهان جي درخواست تي ريٽرننگ آفيسر کي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ گهرجي ها. ان موقعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته فارم 47 ڇا آهي ۽ فارم 47 کي قانون ۾ ڇا چئجي؟  ان تي احسن ڀون چيو ته فارم 47 ابتدائي نتيجو آهي، حتمي نتيجو فارم 48 تي جاري ڪيو ويندو آهي جڏهن ته قانون موجب فارم 47 کي عبوري نتيجو قرار ڏنو ويو آهي. وڪيل احسن ڀون دليل ڏيندي چيو ته 9 فيبروري تي ريٽرننگ آفيسر فارم 47 جاري ڪيو ۽ 11 فيبروري تي ريٽرننگ آفيسر به تڪبندين جو فارم 48 جاري ڪيو، منهنجو موکل انتظامي آفيسر جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن ويو.

  1. قومي ميوزيم جي سنڌ کي واپسي لاءِ وزيراعظم کي درخواست ڪبي: سيد ذوالفقار شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته محرم الحرام دوران سمورن مزارن تي ٿڌي پاڻي جون سبيلون لڳايون وڃن. سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 281هين عرس جي موقعي تي زائرين لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ پورٽبل واش رومز جو به بندوبست ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت خالد چاچڙ، سيڪريٽري اوقاف منور مهيسر، ايم ڊي سياحت فياض علي شاهه، ڊي جي نوادرات عبدالفتاح شيخ، ڊي جي لائبريري اعجاز شيخ، ڊائريڪٽر پٿم هدايت الله راڄڙ، حبيب الله ميمڻ ۽ ٻيا آفيسر پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. هن چيو ته سنڌ جي ملڪيت ۾ رهندڙ قومي ميوزيم جي واپسي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ذريعي وزيراعظم پاڪستان کي درخواست ڪئي ويندي. ڇو ته 18هين ترميم کانپوءِ سنڌ جا ڪجهه ادارا واپس صوبي ڏانهن منتقل ڪيا ويا بهرحال، نيشنل ميوزيم جي واپسي رڪيل هئي. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته لائبرري ڊپارٽمينٽ پاران منظم ڪيل سڀني لائبريرين کي سولر ڪيو ويندو. سيد ذوالفقار علي شاهه ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن کي اوپن ٽينڊرز ذريعي تبديل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. سيد ذوالفقار علي شاهه ٿر ريگستان سفاري لاءِ سمورن ضروري انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي سکر ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي قائم مشهور قديم ستين جو آستان جي سياحتي فيس کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

  1. اورنگي ٽائون ۾ شاگردياڻي سان زيادتي ، اسڪول جي رجسٽريشن رد

ڪراچي (رپورٽر)ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشنز سنڌ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر رفعيه جاويد گذريل ڏينهن ڪلائيمڪس  اسڪول اورنگي ٽائون ۾ جنسي ڏاڍائي واري واقعي کانپوءِ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، جنهن جي سفارش جي روشني ۾ اسڪول جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول کي سيل ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ کي خط لکيو ويو آهي.جڏهن ته اسڪول جي رجسٽريشن ختم ٿيڻ بعد اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻين ٻارڙن جي داخلا حوالي سان هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اسڪول جي ويجهي ٻين اسڪولن جي هيڊماسترن سان ملاقات ڪري ٻارڙن جي داخلا لاءِ قدم کڻندي، جڏهن ته ٻارڙن جي داخلا لاءِ ڪا به اضافي فيس ادا نه ڪرڻي پوندي، سندن يونيفارم ۽ ڪتاب ساڳئي اسڪول وانگر ئي رهندا.

  1. سرجاني ٽائون ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ٻارڙيون فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سرجاني ٽائون ٿاڻي جي سيڪٽر 7 ڊي هائوس نمبر 233 ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙيون فوت  ٿي ويون، جن جا لاش ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 7 ورهين جي اقرا ۽ 10 ورهين جي منھل جي نالي طور ٿي آهي. ٻئي ڇوڪريون پاڻ ۾ سڳيون ڀينرون هيون. ايس ايڇ او سرجاني ٽائون اخلاق احمد ٻڌايو ته فوتي ننڍي عمر ڀينرون گهر ۾ کيڏندي پاڻي جي موٽر جي تار ۾ ڪرنٽ لڳي وئي، جنهن سبب هوءَ بيهوش ٿي وئيون ، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. هن چيو ته فوتي نياڻين جو پيءُ رڪشا ڊرائيور آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.