28 هزار ٽيوب ويل سولر تي آڻڻ جو معاهدو، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ ٻڏي مرڻ جو مقام هوندو: شهباز شريف

ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق بلوچستان سان گڏجي صوبي جا 28 هزار ٽيوب ويل سولر تي منتقل ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو جتي هن وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ٿيل ڪسان پيڪيج جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪيو. هن چيو ته ٽيوب ويلز کي فيڊرز جي بجلي تان هٽائي شمسي توانائي مان حاصل ٿيندڙ بجلي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي جنهن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم چيو ته ان سان 28 هزار هاري فائدو وٺندا ۽ سال جا 80 کان 90 ارب رپين جا بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ سبب خسارو وفاق ادا ڪندو هو هاڻي اها بچت ٿيندي هن چيو ته گذريل 10 سالن جو ڪاٿو لڳائجي ته سراسري 500 ارب رپيا وفاق جا بچي ويندا، سستي بجلي ملندي ۽ ٻنين کي پاڻي ملندو. تنهن کانپوءِ صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ 10 لک ٽيوب ويل آهن جيڪي تيل تي هلن ٿا جن جو امپورٽ بل ساڍا 3 ارب ڊالر ٿئي ٿو، انهن لاءِ به جلد منصوبو آڻينداسين. هن چيو ته سڄي ملڪ مان هڪ هزار ڊگري هولڊرز کي زرعي ٽريننگ لاءِ وفاق چين موڪليندو جنهن ۾ بلوچستان جو حصو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان ڏکيا فيصلا نه ڪيا ته ٽي سال ڇا اسان کي اڳتي به آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو، اهو ٻڏي مرڻ جو مقام هوندو جيڪڏهن اسان 3 سالن کانپوءِ ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ وڃون. ان کان اڳ گورنر بلوچستان جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪوئٽا پهچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. گورنر وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان کان آگاهه ڪيو. مير سرفراز بگٽي لا اينڊ آرڊر جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.