لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته هي ڪهڙو نظام آهي جنهن ۾ مراعتون رکندڙ طبقو، سياستدان، جج، جرنيل، ٽاپ بيوروڪريٽ بجلي مفت استعمال ڪن ۽ عام ماڻهو ڳرا بل ادا ڪري، هن استحصالي نظام کي نٿا مڃون، 12 جولاءِ تي جماعت اسلامي سڄي ملڪ جي مظلومن کي گڏ ڪري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندي ۽ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو. آءِ ايم ايف جا غلام حڪمران قوم تي بجلي جا بم ڪيرائڻ بند ڪن. الخدمت اسپتال ليه جي افتتاح جي موقعي تي ميڙاڪي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 77 سالن کان ملڪ جو ان اشرافيا وٽ آهي جيڪي غريب ۽ مڊل ڪلاس کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، هاڻي قوم حڪمرانن جي وڌيڪ غلام نٿي بڻجي سگهي.