ماسڪو (م ڊ) روس ۾ گرمي سبب گذريل ڏينهن 7 ٻارن سميت 49 ڄڻا پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڻي ۾ ٻڏڻ جا 65 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ 49 ڄڻا فوت ٿي ويا. گذريل سال ساڳئي ڏينهن روس ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ جا 10 واقعا رپورٽ ٿيا هئا. گذريل هفتي ماسڪو ۾ 1917 جو گرمي جو رڪارڊ ٽٽي ويو ۽ گرمي پد 35 ڊگري کان وڌي ويو هو، ڪجهه جاين تي پارو 40 ڊگري تائين پهتو هو.
- 
9مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ کي ٻاهرين مدد حاصل هئي:راڻا ثناءَ الله
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن ڪابينا فيصلو ڪيو ته پي ٽي آءِ خلاف ٻاهرين مدد جا ثبوت به پيش ڪري سگهجن ٿا، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي عدالت جيل ۾ سياسي ڪانفرنس ۽ ملاقاتون ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله انڪشاف ڪيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ کي ٻاهرين مدد به حاصل هئي. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ کي 9 مئي تي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ ٻاهرين مدد هئي. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ کي ٻاهرين فنڊنگ هئي، جيڪڏهن ڪابينا فيصلو ڪري ته پي ٽي آءِ کي ٻاهرين حمايت جا ثبوت به پيش ڪري سگهجن ٿا، راڻا ثناءُ الله چيو ته عدالت پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ سياسي ڪانفرنس ۽ گڏجاڻين جي اجازت نه ڏني، عمران خان کي اهڙي رٿابندي ڪرڻ جي اجازت ناهي ته ٻاهر افراتفري هجي. هن چيو ته نواز شريف سان جيل ۾ ملڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.
 
			