لاڙڪاڻو/گمبٽ ( رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو+قمرالدين شيخ ) لاڙڪاڻي جو مشھور واپاري حاجي ڳھڻو خان جتوئي روڊ ذريعي اسلام آباد کان لاڙڪاڻو طرف اچي رھيو ھو ته خيرپور لاڙڪاڻو باءِ پاس تي محبوب ڪلھوڙو ٿاڻي جي حد مان ڏوھاري کيس ڊرائيور سميت اغوا ڪري ويا خيرپور لاڙڪاڻو پوليس جي وڏي نفري ايس ايس پي خيرپور زبير نظير شيخ جي اڳواڻي ۾ ٽيڪنيڪل ٽيم ۽ پيراٺن سميت ڪچي ۾ پھچي 10 ڪلاڪن جي مسلسل آپريشن بعد سنڌو درياءَ ڀرسان ڪچي واري علائقي مان ٻنھي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو ايس ايس پي خيرپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي وارھه تعلقي جي بدنام ڏوھاري ديدار چولياڻي جي ٽولي کان مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آھي ڏوھاري مقابلي دوران مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا آھن ڌاڙيلن جي ٿاڪن کي باھيون ڏئي ساڙيو ويو آھي.
 
			