لاهور (م ڊ) ريلوي کاتي 20 کان مٿي ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ جو فيصلو ڪري ورتو جنهن کانپوءِ اشتهار جاري ڪيو ويو. پرائيويٽ ڪيل ٽرينن ۾ منافعو ڏيندڙ ٽرينون به شامل آهن. ريلوي ترجمان موجب ٽرينن ۾ قراقرم، ڪراچي ايڪسپري، عوام ايڪسپريس، گرين لائن، پاڪ بزنس، بولان ميل، چناب، مهر، سمن سرڪار، هزارا ايڪسپريس، ٿل، سکر، موهن جو دڙو پسنجر، ماروي، بهاءُالدين ذڪريا، ڪوهاٽ، راولپنڊي پسنجر شامل آهن.پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 20 کان وڌيڪ مسافر ٽرينون هلائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ترجمان وڌيڪ چيو ته ريلوي جو ڪمرشل ڊپارٽمينٽ جلد ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ٽينڊر جاري ڪندو.
 
			