لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي مدو پورو ڪرڻ جي 8 مهينن کانپوءِ ڊينٽل پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي. عارف علوي جي پٽ عواب علوي ايڪس تي خبر کي شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هاڻي اسان سندن واپسي تي خوش آهيون ۽ هو مشاورت ۽ ڏندن جو علاج ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ڊينٽسٽ طور 55 سالن کان وڌيڪ جو تجربو رکي ٿو، پنهنجي ڪيريئر دوران ڊاڪٽر عارف علوي ڊينٽسٽ جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏنيون. سندس مهارت سبب کيس شهرت حاصل آهي. عواب علوي چيو ته هو صدر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي مريضن سان ٻيهر رابطي ۾ آهي ۽ ڏندن جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ بيچين آهي.
 
			