اسلام آباد: (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ٻه اهم ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، فوجي عدالتن ۾ سولين ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اپيلن تي ٻڌڻي اڄ ۽ سڀاڻي ٿيندي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني لارجر بينچ (اڄ) 8 جولاءِ تي فوجي عدالتن ۾ سولين ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ سُني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي حتمي ٻڌڻي (سڀاڻي) 9 جولاءِ تي ٿيندي، جتي سني اتحاد ڪائونسل جا وڪيل دليل ڏيندا. اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل سپريم ڪورٽ کان تخليقي تشريح جي درخواست ڪئي آهي. واضح رهي ته سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواستن تي گذريل ٻڌڻي تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪيا هئا ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان دليل ڏئي رهيو هو. ان کان اڳ سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڪنول شوزب جي وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ حڪومتي وڪيل مخدوم علي خان پنهنجا دليل ڏنا هئا.