حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته جبر، بزدلي ۽ بي حيائي تي ٻڌل استحصالي جاگيرداراڻو نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، جاگيرداري ڀلي قوم پرستي، جمهوريت ۽ سوشلزم جو نعرو هڻي پر اها قوم دشمن ۽ عوام دشمن آهي، سنڌ مخالف قوتن ۽ سياستدانن سان سياسي ۽ سماجي تعلق ختم ڪرڻو پوندو، جاگيردار ۽وڏيرا انگريزن جي دور کان سنڌ مٿان مڙهيل آهن، سنڌ کي حقيقي رستي جي ڳولا ڪرڻي پوندي، پنهنجن اصل قومي هيروز کي سڃاڻڻو پوندو، مستقل مزاجي سان جدوجهد ڪري ورڪنگ ڪلاس، هاري ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن کي اسيمبلين تائين پهچائڻ کانسواءِ نجات ممڪن ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران ڪوٺايل “اچو ته سنڌ سنواريون” ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن، عورتن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت هٿ سان سرداري نظام مضبوط ڪري رهي آهي، عوام کي پيپلزپارٽي جي پراڻي يا نئين قيادت مان ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي، حيرت جي ڳالهه آهي ته اجمل ساوند جهڙي ماڻهو جي خون تي ٿيل جرڳي تي حڪمران جماعت جي ليڊر جي حق ۾ ڪالم لکندڙ ماڻهو لعنتون وجهي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ ڪو مسڪين سردار جي پيرن ۾ جيستائين نٿو ڪري تيستائين ان جي عزت، جان ۽ مال محفوظ نٿو رهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتها آهي 10 ڪروڙ روپين تائين اسپتال جي ايم ايس جي سيٽ وڪرو ٿئي ٿي، پٽيوالي، بيلدار ۽ سپاهي جي نوڪري 10 لک روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، اسان سنڌي بحيثيت هڪ قوم مري چڪا آهيون، اهو ئي سبب آهي ته اڄ افغان پناهگير بنا روڪ ٽوڪ جي بي خوف سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن، اسان پنهنجون زمينون وڪرو ڪري رهيا آهيون، فلسطين جي ماڻهن سان به ائين ٿيو هو ته هنن پنهنجون زمينون يهودين کي وڪرو ڪيون ۽ پوءِ يهودي سڄي فلسطين تي قبضو ڪري ويا، ان ڪري سنڌين کي پنهنجي پاڻ کي سنڀالڻو پوندو. هن چيو ته ڪيٽي بندر کان وٺي ننگر پارڪر تائين هر شهرن ۽ ڳوٺن جي هر گهر مان منشيات جي ڪري هڪ لاش نڪرن ٿا، معصوم ٻارڙن منشيات جا عادي ٿي ويا آهن، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن کي تالا لڳل آهن، هزارن جي تعداد ۾ اسڪول اڄ به بند پيل آهن، 75 لک ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن، جيڪي ننڍي عمر ۾ مزدوريون ڪري ماڻهن جا دڙڪا ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿين ٿا، وڏين سرڪاري اسپتالن کان ويندي بي ايڇ يوز تائين اسپتالن ۾ دوائون ۽ ڊاڪٽر ناهن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سنڌ جي ماڻهن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هتي جاگيرداري کي قومپرستي جي صورت ۾ سياست ڪرڻ جي اجازت آهي، پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي واري سياست ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت ناهي هوندي. ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو ته 75 ڌاڙيل سڄي سنڌ کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن، جاگيرداري ۽ سرداري سوچ سنڌ جي ترقي پسند ۽ سيڪيولر سڃاڻپ کي نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته بدامني، بيروزگاري، غربت، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کانسواءِ منشيات ۽ ڪرپشن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، منشيات نسلن جي تباهي ڪئي آهي. ايس ٽي پي جي جنرل سيڪريٽري حيدر ملاح چيو ته گذريل هڪ سال کان ايس ٽي پي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، منشيات جي وڪري، تعليم ۽ صحت جي شعبي جي خراب صورتحال خلاف سڄي سنڌ ۾ اچو ته سنڌ سنواريون تحريڪ هلائي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات گهر اجاڙي ڇڏيا آهن، پر حڪومت منشيات جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آهي، سردارن جي سرپرستي ۾ پلجندڙ ڌاڙيل معصوم ماڻهن کي اغوا ڪري وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي رکن ٿا ۽ ڌاڙيلن وٽ نيٽو جا هٿيار ملن ٿا، پر انهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي، اجمل ساوند جهڙي ماڻهوءَ جي خون تي جرڳو ڪري سندس خون لوڙهيو ويو، عدالتن بجاءِ خون جا فيصلا هاڻ سردار ڪري رهيا آهن. نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته هي ڪانفرنس جن نقطن تي ٿي رهي آهي، اهي سمورا نقطا آئين ۾ شامل آهن، بنيادي انساني حق ۽ شهرين کي مالي ۽ جاني تحفظ ڏيڻ جي ضمانت آئين ڏئي ٿو، پر آئين تي عمل نٿو ٿئي، پارليامينٽ آئين ۾ مليل حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن چيو ته عوامي آواز جو رپورٽر اسان جو ساٿي نصرالله گڏاڻي شهيد ٿي وڃي ٿو ته شهيد جي امڙ امان پٺاڻي مجبور ٿي قاتلن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف سنڌ اسيمبلي سامهون ويهي رهي ٿي، صحافي جان محمد مهر کي شهيد ڪيو ويو، اسان هزارين ماڻهن جا احتجاج ڪيا، پر قاتل هڪ سال گذري وڃڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. هن چيو ته جاگيرداري ۽ سرداري نظام کي ڪو قانوني ۽ آئيني تحفظ ناهي ان ڪري سردارن ۽ جاگيردارن کي انسانن جي خون جا فيصلا ڪرڻ ۽ پنهنجي سرداري هلائڻ جو ڪو اختيار ناهي. هن چيو ته عوامي آواز 3 سال اڳ “سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” جي سري هيٺ سڄو سال سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا مهم هلائي هئي. ڪاشف صديقي چيو ته سنڌ ويزن ترتيب ڏيڻ گهرجي، اسان سڀني کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو، ڳالهين جو وقت گذري ويو. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي چيو ته جاگيردارن جي حڪمران پارٽين گذريل چونڊن ۾ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي وڏي سيڙپڪاري ڪئي، اهو ئي سبب آهي ته انهن جي پارٽين جي اوليت عوام نه پر پنهنجا مفاد آهن. سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ نذير قريشي چيو ته 75 سالن کان وٺي سنڌ کي ڦريو ۽ لٽي سنڌ جي ماڻهن کي پينو فقير بڻايو ويو آهي، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته سچ لکڻ تي صحافي شهيد ڪيا وڃن ٿا، سنڌ هاڻ تقريرن سان نٿي بچي سگهي، عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي، لٻاڙ بازي مان نڪري حقيقت پسند ٿي اڳتي وڌڻو پوندو. ايڊووڪيٽ ستار سرڪي چيو ته سنڌ جي سردارن ۽ ڀوتارن کان مطالبا ڪرڻ اجائي ڳالهه آهي، اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ڪو سردار ۽ ڀوتار ڇو نٿو اغوا ٿئي؟، رڳو غريب ٿا اغوا ڪيا وڃن، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڀوتار ۽ سردار سڄي سنڌ کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن، عوام اٿي پوي ته اهي جرڳائي سردار لڙهي ويندا. اديب يوسف سنڌي چيو ته سنڌ مان سياسي عمل ختم ٿيندو پيو وڃي، ان ڪري جدوجهد جي ميدان ۾ اٽل ارادن سان بيهڻ گهرجي، سنڌ جي ماڻهن کي مايوسي مان ڪڍڻو پوندو، سنڌ جا مسئلا ملڪي صورتحال سان جڙيل آهن. مختيار عباسي چيو ته اڳ روڊ ٺيڪن تي ملندا هئا هاڻ حڪومتون به ٺيڪن تي وڃن ٿيون، ايس ايس پي ۽ ڊي سي جي پوسٽنگ رشوت کانسواءِ نٿي ٿئي، سنڌ جو ڪو به ادارو رشوت کان پاڪ ناهي، مسئلن جو حل سياسي آهي، ان ڪري سياسي جدوجهد کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. ايوب شر چيو ته سنڌ جي هزارين سياسي ڪارڪنن سنڌ سنوارڻ واري خواب جي لاءِ سڄي زندگي سياسي جدوجهد ڪئي آهي، سنڌ اڄ ڏکي دور مان گذري رهي آهي، اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته سنڌ جي مصيبن ۽ مشڪلاتن مان ڪيئن جان ڇڏائجي. نذير ناز چيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري ڪيتري ئي عرصي کان اغوا ٿيل آهي، پر بازياب نٿي ٿئي، اپيل ڪيان ٿي ته نياڻي جي بازيابي جي لاءِ جدوجهد کي تيز ڪرڻ گهرجي. صحافي نعمت کهڙي چيو ته جيڪو صحافي عوام جو آواز بڻجي ٿو ان کي رستي تان هٽايو وڃي ٿو، شهيد نصر الله گڏاڻي ۽ شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نٿا ٿين. ان موقعي تي فتاح دائودپوٽي، محمد عبدالمئومن ۽ ٻين پڻ ڳالهايو.
Sindh feudalism socialism nationalism
 
			