نيپرا ۽ ايف آءِ اي پاران واهپيدارن کان ورتل واڌو بلن جي انڪوائري شروع

لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي نيپرا ۽ ايف آءِ اي واهپيدارن ڏانهن موڪليل ڪروڙين رپين جي واڌو بلن جي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي، جاچ کانپوءِ ماڻهن کان ورتل وڌيڪ رقم واپس ڪئي ويندي، جنهن جي منظوري وزارت جي ڪنسلٽنٽ ثاقب جمال ۽ ليسڪو انتظاميا پاران ڏني وئي، اعليٰ سطحي ڪميٽي وزارت ۽ ليسڪو انتظاميا ذميوارن جو پتو لڳائيندي. ذريعن موجب آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ رپورٽ وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي ويندي، جڏهن ته اوور بلنگ جي رپورٽ اڄ شام تائين تيار ڪئي ويندي. ياد رهي ته پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي 3 هزار رپين بدران 8 هزار رپين جا بل موڪليا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.