ملتان(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اشرافيه جون مراعتون ختم ٿيڻ گهرجن، انهن جي فري بجلي ۽ پيٽرول ختم ڪيو وڃي، عام واهپي جي شين تي ڳرا ٽيڪس لڳايا ويا آهن،ظلم جو نظام ختم ٿيڻ گهرجي، ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سياسي جماعتون بدقسمتي سان پنهنجي ڪمن ۾ لڳل آهن، ڪنهن جي به ايجنڊا عوام ناهي، سڄي پاڪستان ۾ عوامي رابطا مهم تيز ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ عوام جي حقن لاءِ ڌرڻو هڻنداسين.