اسلام آباد (م ڊ) عالمي ادارن پاران پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي جي گهر ڪئي پئي وڃي، سينيٽر مشاهد حسين جو چوڻ آهي ته قيدي نمبر 804 عالمي معاملو بڻجي ويو آهي، سڄي دنيا ۾ ان تي آواز اٿي رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته عمران خان جي موجوده حالتن ۾ هاڪاري تبديلي چاهيون ٿا، يو اين ورڪنگ گروپ موجب عمران خان خلاف ڪيس قانوني بنيادن تي نه آهن، ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيا ويا. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته مان جتي ويندو آهيان سڀ قيدي نمبر 804 جو پڇندا آهن، سڀني کي ان جي ڳڻتي آهي، اهو هاڻي عالمي معاملو بڻجي ويو آهي، سڄي دنيا ۾ ان تي آواز اٿي رهيو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ لهر هلي رهي آهي ۽ اها لهر پاڪستان مان شروع ٿي. هن چيو ته ڊگهي وقت کان چيو پيو وڃي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي پر اچي نه پئي، جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو، ان وقت تائين سيڙپڪاري نٿي اچي سگهي. هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته عمران خان جي موجوده حالتن ۾ هاڪاري انداز ۾ تبديلي چاهيون ٿا. انتونيو گوتريس جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ پريس ڪانفرنس دوران گڏيل قومن جي ورڪنگ روپ جي سفارش واري سوال جي جواب ۾ چيو ته اها هڪ آزاد پينل جي سفارش آهي، اسان عمران خان جي موجوده صورتحال کي هاڪاري انداز ۾ تبديل ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا. حڪومتن طرفان آزادي کان محرومي جي معاملن جي جاچ ڪندڙ گڏيل قومن جي ورڪنگ روپ آن آربيٽريري ڊيٽينشن جو چوڻ هو ته عمران خان خلاف ڪيس قانوني بنيادن تي نه آهن پر سندس خلاف ڪيس کيس سياسي ميدان کان ٻاهر رکڻ لاءِ سياسي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ مناسب حل اهو ئي هوندو ته اڳوڻي وزيراعظم کي آزاد ڪيو وڃي.