سنڌ ۾ محرم الحرام دوران 143 عالمن جي تقريرن ​​تي پابندي لاڳو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي امن امان کي نظر ۾ رکندي محرم الحرام دوران ڪيترن ئي عالمن جي تقريرن ​​تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.آءِ جي سنڌ پاران صوبائي گهرو کاتي کي خط لکي سفارش ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي 13 ضلعن مان 143 عالمن جي اشتعال انگيز تقريرن ​​سبب امن امان کي خطرو آهي، ان ڪري محرم جي مهيني ۾ سندن تقريرن تي پابندي لڳائي وڃي. آءِ جي جي سفارش تي گهرو کاتي محرم الحرام دوران عالمن تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي 13 ضلعن جي 143 عالمن جي 60 ڏينهن لاءِ تقريرن ۽ گهمڻ ڦرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تي فوري طور تي عمل ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.