عوام پڇي ٿو ته اقتدار دوران شاهد خاقان ۽ مفتاح ڇو خاموش هئا: عطا تارڙ

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عوامي پاڪستان پارٽي تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته هڪ طرف چون ٿا ته اقتدار اسان جي منزل ناهي ته ٻئي طرف پاڻ کي مسيحا به قرار ڏين ٿا. هن چيو ته اربين سيڙپڪارن جو ميڙ هو جنهن ۾ هڪ پراڻو ٽيپ هليو ويو، هن چيو ته اڄ تضادن سان ڀريل تقريرون ڪيون ويون. تضادن سان ڀريل تقريرون ڪندڙ ماضيءَ ۾ اقتدار جي ڪرسي ماڻيندا رهيا آهن. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته عوام جو سوال آهي ته اوهان جڏهن ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪرسي تي ويٺا هئا ته خاموش ڇو هئا؟ شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي ماضي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته وزيراعظم، پيٽروليم وارو وزير ۽ ناڻي وارو وزير پنهنجي اقتدار ۾ رهندي اڄ ڪيل اعلانن تي ڪڏهن عمل نه ڪري سگهيا؟ عطاءَ تارڙ چيو ته جن ماڻهن ۾ وفاداريءَ جون خوبيون نه هونديون، اهي قدرن جي سياست ۾ ڇا ڪندا؟ اطلاعات واري وزير چيو ته نون ليگ جڏهن اقتدار ۾ آئي ته عوام جي معيار زندگي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا پاڪستان کي معاشي ميدان ۾ اڀرندڙ ملڪ بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.