لاهور (م ڊ) پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن ساڍا 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين عاصم رضا لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ساڍا 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽئڪس عوام تي لڳائي وئي آهي، جنهن جي ڀرپائي فلور ملز جي کاتي ۾ وڌي پئي وڃي، جيڪڏهن ائين ئي رهيو ته اسان ملون نه هلائي سگهنداسين، هن چيو ته ايف بي آر جا ود هولڊنگ ٽيڪس ڪليڪشن ايجنٽ نه بڻجنداسين، ٽيڪس گڏ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي اسان جو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته مطالبا منظور نه ٿيو ته خميس 11 جولاءِ کان اٽي جي سپلاءِ بند ڪندي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪنداسين، اسان ٽيڪس ۾ اضافي کي ڪنهن به صورت ۾ نٿا مڃون، اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت ود هولڊنگ ٽيڪس کي ختم ڪري، هن چيو ته ود هولڊنگ ٽيڪس گڏ ڪري ڏيڻ اسان جي وس ۾ نه آهي. اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته ود هولڊنگ ٽيڪس کي فوري طور تي ختم ڪري اسان اهڙي اضافي ٽئڪس کي قبول نٿا ڪريون. جيڪڏهن ود هولڊنگ ٽئڪس برقرار رهي ته 20 ڪلو اٽي وارو ٿيلهو 150 رپيا مهانگو ٿي ويندو، اسان عوام کي وڌيڪ تڪليف نه ٿا ڏئي سگهون.
 
			