ڪي پي ۾ گم ٿيلن جي وارثن کان پئسا وٺڻ جو ڪيس، گنڊاپور طلب

پشاور (م ڊ): پشاور هاءِ  ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ واڌ ٿيڻ ۽ پوليس ۽ سي ٽي ڊي پاران ماڻهن کان آزاديءَ عيوض وڏي  رقم وٺڻ تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي 22 جولاءِ طلب ڪري ورتو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل سنگل بئنچ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيو ته خيبرپختونخواه جو وڏو وزير چونڊيل وڏو وزير آهي، هو اچي ان حوالي سان عدالت ۾ پيش ٿئي. ٻڌڻيءَ واري حڪم ۾ چيو ويو ته صوابي جي هڪ رهواسي کي گلبرگ مان اغوا ڪيو ويو ۽ هاڻي پوليس 70 لک رپيا گهري رهي آهي، خيبرپختونخواه ۾ گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. حڪم نامي ۾ جسٽس اشتياق ابراهيم چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن طرفان پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن جي ان عمل ۾ ملوث هجڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن، پوليس ۽ سي ٽي ڊي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هنن الزام هنيو آهي ته هنن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ وڏي پئماني تي رقم گهري رهي آهي، جيڪو هڪ سنگين مسئلو آهي. عدالت وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي ته اها ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي طلب ڪري. عدالت چيو ته اهي واقعا هڪ صوبي جي چونڊيل وڏي وزير جي طور تي ٿي رهيا آهن ته پوءِ ان حوالي سان سندس ڪهڙو ڪردار رهيو آهي ۽ انهن واقعن کي روڪڻ لاءِ هن وقت تائين ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن؟ عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي 22 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.