تحريڪ انصاف جو جلسو عاشورن کانپوءِ ٿيندو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيريسٽر گوهر اسلام آباد ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن عمر ايوب، علي محمد خان، اسد قيصر، رئوف حسن ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو اعلان ڪيو. بيريسٽر گوهر چيو ته اسان سياسي ڪاميٽي جو اجلاس گهرايو، جلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيوسين. هن چيو ته اسان قانون جو سهارو وٺندي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، اجازت وٺي جلسو ڪنداسين، حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، تحريڪ انصاف جو جلسو عاشورن کانپوءِ ٿيندو. پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو ته ملڪ ۾ گوننس نالي ڪا شئي ناهي. اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسان جا اپوزيشن ليڊر پارليامينٽ جي نمائندگي ڪندا رهندا، عمر ايوب کي پي ٽي آءِ باني سان ملڻ نه ڏنو ويو، آئيني ۽ قانوني جنگ جاري رکنداسين، پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ سان ٿيندڙ زيادتين تي ڇو چپ آهي؟ پنهنجو ٻٽو معيار ختم ڪري.

  • حيدرآباد ۾ کير جي في ليٽر تي 20 رپيا واڌ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ کير وڪرو ڪندڙن کير جي اگهه ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڊيري  مالڪن جو چوڻ آهي ته کير 220 رپيا في ليٽر وڪرو ڪيو ويندو، واڙي وارا کير 14 رپيا في ليٽر مهانگو ڏئي رهيا آهن، هوڏانهن ضلعي انتظاميا موجب کير جو سرڪاري اگهه 200 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي، کير جي اگهه ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آهي. انتظاميا جو اهو به چوڻ آهي ته کير 200 رپيا کان وڌيڪ اضافي اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.