اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته باني پاڪستان تحريڪ انصاف جو موسم تبديل ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي باني سان ڳالهين جي آڇ برقرار آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته سياستدان ڪڏهن به ڳالهين جا در بند نه ڪندا آهن، غير سياسي سوچ ۽ رويو پي ٽي آءِ جو آهي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ سندن پراڻو مسئلو آهي، اهي ئي سندن ڪفيل رهيا آهن، اڄ شبلي فراز چيو آهي ته ٻيهر گهرو ويڙهه ٿيندي، ڇا هو 9 مئي کي ورجائڻ چاهين ٿا؟