ملير (رپورٽر ) اسٽيل مل جي ڪوڪو ون باءِ پروڊڪٽ (گيس ٺاهيندڙ بيٽريون) جن کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو ۽ انهن جي گرمائش کي برقرار رکندڙ گيس کي گذريل رات دير سان بند ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت جي صعنت ۽ پيداوار ڊويزن پاران هڪ خط جيڪو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان اسٽيل کي جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سوئي سدرن گيس جي اڪنامڪس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي اي سي سي پاران 30 جون 2024 تائين گيس بند ڪئي وڃي، اهڙي فرمان جي جاري ٿيڻ شرط سوئي سدرن گيس پاران پاڪستان اسٽيل ملز جي مڪمل طور تي گيس بند ڪئي وئي آهي، سوئي گيس ذريعي پاڪستان اسٽيل ملز جي شعبي ڪوڪو ون باءِ پروڊڪيٽ (بيٽريز) جي حرارت برقرار رکڻ لاءِ استعمال هيٺ آندي وڃي پئي، وفاق جي اهڙي عمل سان 2010ع ۾ ڪوڪو ون بيٽريز کي ٽن اربن جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو هو ۽ ان وقت جي قائم مقام چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر امتياز لوڌي ۽ ڊائريڪٽر پروڊيڪشن اطهر سعيد دوران بيٽري کي تيار ڪرائي ان جي گيس جي پيداوار کي فائر ڪيو هو. ياد رهي ته اسٽيل ملز جي ڪوڪو ون بيٽري کي تيار ڪرڻ لاءِ هڪ روسي ڪمپني ڪونڪورڊ جون خدمتون ورتيون ويون هيون جن ان وقت ڊالرن جي صورت ۾ پاڪستان حڪومت کان رقم وصول ڪئي هئي، نئين پيدا ٿيندڙ صورتحال بعد پاڪستان اسٽيل مل جي هلندڙ آخري مد ختم ٿي وئي آهي ڇو جو پاڪستان اسٽيل مل کي هلائڻ لاءِ سڀ کان پهريان گيس جي مدد ضروري هئي، وفاق پاران اسٽيل ملز جي 7 سئو ايڪڙ زمين ۽ زبون حال مشينري سنڌ کي حوالي ڪرڻ واري سياسي اعلان تائين موجود آهي باقي مل کي هلائڻ لاءِ فني صورتحال ممڪن نه آهي.