ڪراچي/حيدرآباد/ سکر(رپورٽر/نمائندا ) عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي مک قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي ۾ ڌرڻي بعد واپسي دوران امڙ پٺاڻي جي قافلي جي وک وک تي آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نوجوانن امان پٺاڻي جي قافلي واري بس مٿان گلن جي ورکا ڪندي شهيد جي امڙ،پٽن ۽ ڌيئرن کي اجرڪون اوڍائي قاتلن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڪنڊيارو ۾ نوجوانن قافلي جي ڀرپور آجيان ڪندي ريلي جي صورت ۾ امان پٺاڻي جي قافلي کي پنهنجي سفر ڏانهن روانو ڪيو. سکر ۾ به نوجوان توڙي سول سوسائٽي جا اڳواڻ پنجن ڪلاڪن تائين امڙ جي قافلي جي انتظار ۾ بيٺل رهيا، ميرپورماٿيلو ۾ ريلي جي صورت ۾ امان پٺاڻي جي قافلي کي گهر تائين پهچايو ويو. سڄي سنڌ ۾ زبردست آجيان تي امان پٺاڻي گڏاڻي چيو ته نصر الله گڏاڻي جي شهادت جي پهرين ڏينهن کان ئي سنڌ واسين زبردست پيار ڏنو آهي، ڌرتي ڌڻين جي ٿورائتي آهيان. ميرپور ماٿيلي جي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي ڪنڊيارو پهتي، باءِ پاس قومي شاهراهه بس اسٽاپ تي مختلف پارٽين جي اڳواڻن،ڪارڪنن ۽ شھرين پاران محمد رمضان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هن جو شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ ”ڀوتار ماءِ فٽ“ جا زرودار نعرا هنيا ويا،ان موقعي تي امان پٺاڻي گڏاڻي جو چوڻ ھيو ته منهنجي بهادر پٽ نصرالله ظالم طاقتن سان مهاڏو اٽڪائي شهادت جوعظيم مرتبو ماڻي ورتو،هن جي شھادت سنڌي عوام جي شعور کي جاڳايو آھي۔هن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته سنڌ جي عوام جي ڀرپور شعور جو مان رکندي ۽ هوءَ پنهنجي شھيد پٽ نصرالله جي قاتلن کي ڪنهن به صورت بخش نه ڪندي،امان پٺاڻي چيو ته آءُ سموري سنڌ جي ٿورائتي آهيان جو پٽ جي خون سان انصاف لاءِ منهنجو ساٿ ڏنو آهي.