اسان جو ” اداري “ سان مسئلو ناهي ” شخصيتن “ سان اختلاف آهي: علي امين گنڊاپور

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان کي اداري سان ڪو مسئلو ناهي شخصيتن سان اختلاف آهي.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته ملڪ ۾ سزا ۽ جزا جو نظام ناهي، قوم عدليا ڏانهن واجهائي رهي آهي، قوم ڄاڻي ٿي ته عدليا تي دٻاءُ آهي، عدليا کي چيو آهي ته اوهان تي دٻاءُ آهي ته ٻڌايو قوم اوهان سان گڏ بيٺي هوندي جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پارٽي ڪيسن کان پري رهڻ گهرجي.
هن چيو ته ايپڪس ڪميٽي ۾ عالهه عزم استحڪام جي ٿي آپريشن جي نه، اسان کي اداري سان ڪو مسئلو ناهي شخصيتن سان اختلاف آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ضروري آهي ۽ سڀ کان پهرين اسان جو مئنڊيٽ واپس ڪيو وڃي.
علي امين چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪيسن ۾ ڪجهه ناهي نڪتو، عمران خان چوندو رهيو آهي ته مان ڳالهين لاءِ تيار آهيان، جعلي ڪيس واپس ورتا وڃن پوءِ ڳالهيون ٿينديون، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو عمران خان جو آهي ۽ اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين.
هن چيو ته وفاقي حڪومت جيڪو ڪم ڪري رهي آهي اِهو آئين ۽ عدليا جي خلاف آهي، اسان جو جلسو ٿيندو، انتظاميا کي پنهنجي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي، آئين تحت اسان کي جلسن، جلوسن ۽ احتجاج جو حق آهي، حڪومت بيساکين تي آهي ۽ انهن وٽ مئنڊيٽ ناهي، عدليا ۾ شفاف ٽرائل ٿيو ته سڀ وائکو ٿي ويندو.

CMKPK PTI ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.