پيٽروليم ڊيلرز جو هڙتال ملتوي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپن تي جاري هڙتال فوري طور ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پاڪستان  پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان ٻين عهديدارن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اترين علائقن ۾ سياحن جي ڦاسڻ سبب فوري فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان جي هڪ ڏينهن واري هڙتال ڪامياب ٿي آهي، ماڻهن کي تڪليف ٿي رهي آهي ڇو ته موٽرسائيڪل وارا هلي نه سگهيا. هن چيو ته هڙتال ڪرڻ سولو نه هو، حڪومت هڙتال جي خلاف هئي. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته هڙتال رڳو ملتوي ڪئي وئي آهي، ختم ناهي ڪئي وئي. پيٽروليم واري وزارت ڪمپنين کي چيو ته ڊيلرز سان سختي ڪئي وڃي ته جيئن هڙتال نه ڪن. هن چيو ته اميد آهي ته مستقبل ۾ جيڪو به عمل ڪنداسين ان ۾ توهان اسان جو ساٿ ڏيندا، ٻي صورت ۾ ڪجهه ڊيلر اسمگل ٿيل پيٽرول خريد ڪندا، ملڪ ۾ هن وقت اسمگل ٿيل پيٽرول جو وڪرو وڌڻ جو خدشو آهي، حڪومت ٻه ڀيرا ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي. عبدالسميع خان چيو ته اسان خاموش نه ويهنداسين، مطالبو نه مڃيو ويو ته اسلام آباد جو گهيرو به ڪنداسين. ڊيلرز کان ڏهائي پنج سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪري سراسري وڪري تي 10 لک رپيا ٽيڪس ورتو ويندو، ڊيلرز جي خريد ۽ وڪرو مڪمل دستاويزي آهي.

  1. بينڪن جا ڊپازٽ 20 ڏهائي 8 سيڪڙو وڌي ويا: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) بئنڪنگ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. اسٽيٽ بئنڪ جي اعلان  موجب مالي سال 2024ع ۾ بئنڪن جي ڊپازٽس ۾ 20.8 سيڪڙو واڌ ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب جون 2024ع تائين بئنڪن جو ذخيرو 30 هزار 812 ارب رپيا آهي.  اسٽيٽ بئنڪ موجب مالي سال ۾ بئنڪن 245 ارب رپين جا قرض ڏنا، فراهم ڪيل قرضن جو اسٽاڪ 12 هزار 447 ارب رپيا آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب مالي سال 2024ع ۾ بئنڪن 9254 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي، سيڙپڪاري جو اسٽاڪ 30149 ارب رپيا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.