اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان، بلوچستان جو مسئلو اٿارينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوئيٽا (م ڊ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آپريشن عزم استحڪام جي حوالي سان وفاقي حڪومت طرفان  امڪاني آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت جي خاطري ڪرائي ڇڏي.ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت طرفان آپريشن عزم استحڪام جو ڪيو ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم ان ڏس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته پ پ وفاقي سرڪار جي اي پي سي ۾ ضرور شرڪت ڪندي ۽ پنهنجن نمائندا ذريعي بلوچستان جي حالتن ۽ امن امان بابت آواز اُٿاريندي.بلاول چيو ته پ پ پهرئين ڏينهن کان دهشتگردي جي خلاف آهي ۽ اسان ان جي مستقل خاتمي جو مطالبو ڪيون ٿا.هن چيو ته بلوچستان ۾ سياسي جماعتون، اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيون آهن. پ پ چيئرمين بلوچستان جي وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ مستقبل جي منصوبن تي به ڳالهايو. هن چيو ته عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، بلوچستان جا وسيلا محدود آهن پر انهن کي عوام کي رليف ڏيڻو آهي.بلاول ڀٽو اعلان ڪيو ته نصير آباد ۾ گمبٽ وانگر جديد ٽرانسپلانٽ اسپتال ٺاهي ويندي، سنڌ وانگر بلوچستان ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهن ته غريبن کي سولر فراهم ڪيو وڃي، ان کانسواءِ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي گهٽ قيمت تي بجلي فراهم ڪري رهي آهي قيمت اسان جي اولين ترجيح آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.