ڪراچي (م ڊ) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ في يونٽ بجلي هڪ رپيو 67 پيسا سستي ڪري ڇڏي. ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. ٽيرف ۾ گهٽتائي هلندڙ مهيني جي بلن تي لاڳو هوندي جڏهن ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
-
ڪوئيٽا ۾ ڪانگو وائرس جو نئون ڪيس، انگ 14 ٿي ويو
ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي فاطما جناح اسپتال ۾ ڪانگو وائرس جو نئون ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 ٿي ويو. اسپتال انتظاميا موجب 18 سالن جي نوجوان ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي، مريض کي گذريل ڏينهن فاطما جناح اسپتال آندو ويو هو. هلندڙ سال ڪانگو وگهي 3 مريض فوت پڻ ٿيا آهن.
-
ڪراچي ۾ ڌار ڌار فائرنگ واقعن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ عورت سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پياا. لانڍي نمبر ون سيڪٽر سي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي ڀرسان جھيڙي جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ناظم خان ولد پير خان، فرقان ولد شريف ۽ محمد اشرف ولد عبدالجبار زخمي ٿيا. ڪورنگي نمبر 6 سيڪٽر 51 B راڄپوت ڪالوني جي ڀرسان گھر ۾ نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت شاھين زال راڻا عثمان زخمي ٿي پئي. سھراب ڳوٺ جي علائقي نيو ڪراچي ايوب ڳوٺ راجپل محلا ۾ ڇرين جي وار سان حبيب الرحمن ولد عزيز الرحمن زخمي ٿيو.