اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي جي خانپور پاڙي جو رھواسي گذرسفر ڪرڻ لاءِ بس ۾ ڀڳڙا وڪڻڻ ويو جيڪو پراسرار نموني سان گم ٿي ويو، وارٽن پاران دوستن مائٽن وٽ ڳولا ڪئي ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود گھر واپس نه موٽيو، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪندي ڪوٽ سبزل ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي ھئي، پراسرار نموني گم ٿي ويل نوبوان مولابخش ٿھيم جي ڪوٽ سبزل پوليس کي قتل جو خفيا اطلاع ملڻ تي ڪوٽ سبزل پوليس ڪارروائي ڪندي نوجوان مولا بخش ٿهيم جو گھر جي اڱڻ ۾ دفن ٿيل لاش ھٿ ڪري ورتو، ڪوٽ سبزل پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ظهور شيخ اعتراف ڪيو ته مولا بخش ٿهيم کي قتل ڪيو آهي جنهن جي نشاندهي تي احمد پور لحمه ۾ گهر اندر لاش کي پيٽي ۾ رکي ڳجهه ڳوهه ۾ دفنايو ويو هو، جوابدار جي نشاندهيءَ تي لاش ڪڍي وئي جنهن کان پوءِ قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو آھي، وارٽڻ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.