عزاداري تي ڪا پابندي قبول نه ڪنداسين: علامه ناظرعباس

ڪراچي (رپورٽر)شيعا علماءَ ڪائونسل جي اڳواڻ علامه ناظر عباس ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته محرم الحرام اچي رھيو آھي بجلي جي لوڊشيڊنگ  ٿي رھي آھي جيڪا ختم ڪئي وڃي، ھن وقت پوري ملڪ ۾ ھيٽ اسٽروڪ جي ڪري سماجي تنظيمن عام شھرين ۽ ٻين طرفان سبيلون لڳائي رهيا آهن اتي ڪجهه نٿو ٿئي پر محرم الحرام ۾ امام حسين جي نالي تي سبيل لڳي ٿي ته شڪايتون ڪري ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته مجلس ۽ جلوس نڪرن ٿا شھر ۾ نوان مدرسا ۽ مسجدون ٺھن ٿيون پر نيون مجلسون ۽ ماتمي جلوسن جي اجازت ناھي آخر ڇو؟، شھر جي وڌندڙ آبادي تحت مجلسن ۽ ماتمي جلوسن ۾ واڌ ٿئي ٿي مجلس ۽ عزاداري تي ڪا پابندي قبول نه ڪنداسين. آزادي سان عزاداري جو سڄي سنڌ ۾ مومنن کي حق آھي ڪنهن مسلڪ خلاف ڪا ڳالهه نه ٿيڻ گھرجي، علماء اڪرام کي سيڪيورٽي  جو مسئلو آھي سرڪار انھن عالمن جي سيڪيورٽي  جو انتظام ڪري جيئن ڪو ناخوشگوار واقعو نه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.