عمران خان 9 مئي واقعي تي مشروط طور معافي وٺڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (ڊاڪٽر دانش) سنيئير صحافي ۽ تجزئي نگار دانش ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالھائيندي چيو آھي ته عمران خان ان شرط تي 9 مئي واري واقعي تي قوم کان معافي گھرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آھي ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ساڻس ڳالھيون ڪري پر ھن ڀيري به عسڪري قيادت پاران سندس ڳالھين وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اھو پيغام پڻ ڏنو آھي ته عمران خان کي معافي گھرڻي آھي ته قوم کان گھري ۽ ڳالھيون سياسي جماعتن سان  ڪري جيڪڏھن حڪومت ساڻس ڳالھيون ڪرڻ چاھي ٿي ته ڪنھن کي به اعتراض نه ھجڻ گھرجي. ياد رھي ته ويجھڙ ۾ به عمران خان اھڙي خواھش جو اظھار ڪري چڪو آھي جنھن جي رد عمل ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ھو ته فوج اھڙن ماڻھن سان ڪڏھن به ڳالھيون نه ڪندي جن جو طريقيڪار ملڪ دشمن ھجي ۽ انتشار پکيڙڻ واري پارٽي جن تي ڪيس داخل آھن ۽ اھي سزا پڻ ڀوڳي رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.