سنڌ جو شعور ڳڙڪائيندڙ قبيلائي تڪرار جو نبيرو، ڌرين مٿان 6 ڪروڙ 36 لک ڏنڊ

گهوٽڪي/خانپورمهر/ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ميهرمهر، آزاد مهر، ممتاز سنڌي) ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ هلندڙ ساوند سندراڻي تڪرار جو نبيرو خانڳڙھه جي گوهر پيلس ۾ سردار علي گوهر خان مهر  جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، ڌرين مٿان 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، پروفيسر اجمل ساوند ۽ ايڊووڪيٽ نور الاهي سندراڻي جي قتل جو پنجوڻ ڏنڊ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن ته اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي. نيري ۾ ساوند برادري جا سندراڻين مٿان 13 خون ثابت ٿيا، جڏهن ته سندراڻين جا 11 خون ساوندن مٿان ثابت ٿيا، ٽوٽل 24 خونن ۽ ٻنهي ڌرين جي 20 زخمين جو نبيرو ڪيو ويو، ساوند برادري 11 لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا، سندراڻين 20 لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا، بقايا رقم چئن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، زخمي ڪريم بخش سندراڻي پنهنجو عيوضو 10 لک رپيا ساوند برادري کي بخش ڪيو، نبيري بعد سردارعلي گوهر خان مهر، خورشيد احمد شاهه، عابد خان سندراڻي ۽ ٻين پاران دعا خير گهري وئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار علي گوهر خان مهر چيو ته مون اليڪشن کان اڳ واعدو ڪيو هو ته اليڪشن بعد پهريون ڪم قبيلائي تڪرار ختم ڪرائيندس اڄ ساوند سندراڻي تڪرار جو نبيرو خير سان ٿي ويو، ڌريون ٺهي ويون، ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ مان وڌيڪ قبيلائي تڪرار به ختم ڪرايا وڃن.

  • نبيري ۾ خورشيد احمد شاهه ۽ عابد خان سندراڻي شريڪ ٿيا

ڪنڌڪوٽ: نبيري ۾ خورشيد احمد شاهه، عابد خان سندراڻي، ڊاڪٽر علي نواز ساوند،  ڊاڪٽرمحمد طارق ساوند، محمد خان جوڻيجو، غوث بخش خان مهر، سردار جلال خان ڪلپر بگٽي، سردار محبوب علي خان بجاراڻي، مير شبير علي خان بجاراڻي، اصغر خان چاچڙ، رئيس عبدالسبحان ساوند، سردار سڪندر خان ڪاڪيپوٽو، رئيس منظور احمد ساوند، مير احسان خان سندراڻي، ميرشفقت خان سندراڻي، محمد ساجن ساوند، ديدار ساوند، نثار احمد ساوند، محمد سليم ساوند، ستارڏنو خان سندراڻي، عبدالخالق ساوند، محمد سليم ساوند، عبدالحئي ساوند، حمزهه خان سندراڻي، سميت ساوند ۽ سندراڻي برادرين جي ۽ ٻين قبيلن جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  • اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي فتويٰ

گهوٽڪي: نبيري ٿي وڃڻ بعد هاڻ اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي

  • نبيري دوران پوليس پاران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا

خانپورمهر: ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري دوران پوليس پاران حفاظتي انتظام  سخت ڪيا ويا هئا 3 ڊي ايس پي 12 ايس ايڇ اوز ۽ 150 سئو پوليس اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.