پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران خان سان ملڻ نه ڏنو ويو، اهلڪارن سان چڪريون

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي جيل ۾ پارٽي جي باني عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. هڪ گروپ  ۾ شبلي فراز، عمر ايوب، رئوف حسن ۽ ٻئي گروپ ۾ شندانا گلزار، شهريار آفريدي ۽ جنيد اڪبر پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پهتا، پر کين اجازت نه ڏني وئي. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ڪپ اڊيالا جيل ۾ مقرر اهلڪارن سان بحث ٿيو، جيل جي عملي سان سخت جملن جو ڏي وٺ ٿي. اڳواڻ ملاقات کانسواءِ جيل واپس روانا ٿيا.  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اسان اڊيالا جيل اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملڻ ويا هئاسين پر اسان کي اس ۾ بيهاريو ويو ۽ عمران خان سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي هڪ وڳي کان ساڍي چئي وڳي تائين اس ۾ بيهاريو ويو پر عمران خان سان ملڻ نه ڏنو ويو، ايس ايڇ او اچي اسان کي چيو ته چوڪي مان نڪري وڃو. پڇاڻو ڪرڻ تي ايس ايڇ او چيو ته اوهان سمجهدار آهيو ته سمجهي وڃو ته ڪٿان حڪم آيو آهي. مان چوان ٿو ته اهو ڳجهين ايجنسين جو حڪم هوندو، چئي چڪو آهيان ته هتي ايجنسين جا ماڻهو آهن جيڪي ڪنٽرول ڪن ٿا ته ڪير ملندو ۽ ڪير نه ملندو. عمر ايوب چيو ته رياست مجلس شوريٰ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ تي ٻڌل هوندي آهي، عمارت نه پر ماڻهو رياست هوندا آهن، اسان رياست آهيون جيڪي اندر ويٺا آهيون، هنن کي اسان جي حڪم تي هلڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.