ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو)دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ڏوهارين خلاف ٻئين ڏينهن به آپريشن جاري رهيو. پوليس سان گڏ رينجرز اهلڪار به آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن پاران ڏوهارين جي ٿاڪن مٿان بمباري ڪئي وئي.پوليس ڀيو گينگ جي ٿاڪن تي پهچي جهوپڙين کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيو.ڀيو گينگ جي ڏوهارين پاران ٺاهيل هٿرادو ڪوٽ تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن ڪنٽرول ڪري ورتو.ڀيو گينگ جا ڏوهاري پنهنجا ٿاڪ ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس پنهنجي شهيد اهلڪارن جي قاتل ڏوهاري ٽولي جو خاتمو نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڀيو گينگ مان ڪو ڏوهاري کي پوليس هٿ ڪري سگهي.دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز بمباري استعمال ڪندي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري علائقي ۾ ددڪا ڪري ڇڏيا جنهن سبب علائقي ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو.پوليس پاران ڪيل آپريشن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس 2 مغوين حبيب الله ولد غلام مصطفيٰ ڏاهاڻي،حبيب الله ولد خان محمد گجراڻي کي ڀيو گينگ جي ٿاڪن کان بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس موجب 2 هفتا اڳ ڏوهارين مغوين کي دوستي جي بهاني ڪچي گهرائي اغوا ڪيو هو جن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. دراني مهر ڪچي ۾ ڀيو گينگ خلاف ٿيندڙ آپريشن جي حوالي سان ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته آپريشن جي ڪمان پاڻ ڪري رھيو آھيان.ضلعي ڪشمور جي حد انڊس هاءِ وي تي وڏي نفري مقرر ڪئي آھي، ڪچي واري علائقي ۾ رھندڙ ڏوھارين جي اچ وڃ واري ھنڌن کي مڪمل سيل ڪري پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن.ھاڻي ڏوھاري جيل ۾ ھوندا يا قبرستان ۾ ھوندا.