سنڌ ۾ پوليس انتقام وٺڻ لاءِ استعمال ٿئي پئي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ميرپور بٺورو ۾ منشيات، بدامني ،لاقانونيت خلاف احتجاج ڪرڻ تان قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر پنھل سولنگي ۽ ضلعي جي سينئر نائب صدر ڪامريڊ يوسف ڪنڀار سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي فوري ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ميرپور بٺوري جي شھرين منشيات جي آزار کان تنگ ٿي پرامن احتجاج ڪيو ته پوليس شھرين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آھي، جنھن واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آھي، سنڌ حڪومت پوليس کي مخالفن خلاف انتقام لاءِ استعمال ڪري رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.