ڪراچي (رپورٽر) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو جوابدار ميرپورماٿيلو جي ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين شهباز لنڊ معطل ،شهيد صحافي جي وارثن جي مطالبي تي سنڌ حڪومت، سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جي سيڪشن 120 جي شق3 تحت ڪارروائي ڪندي شهباز لنڊ کي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ ڀاءَ يعقوب گڏاڻي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني پڻ موجود هئا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن امڙپٺاڻي جي اڳواڻي ۾ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي دوران سعيد غني وارثن سان ملاقات ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي. ياد رهي ته 21 مئي 2024 تي صبح جو 11:00 وڳي ڌاري نصرالله گڏاڻي پنهنجي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي کان موٽرسائيڪل تي ميرپورماٿيلو وڃي رهيو هو ته کيس گولين جو کاڄ بڻايو ويو ۽ سخت زخمي حالت ۾ پهريان کيس سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو ويو طبي امداد ڏيڻ بعد ۾ رحيم يار خان اسپتال پهچايو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ِکيس ايئرايمبولينس ذريعي آغا خان اسپتال ڪراچي آندو ويو جتي 24 مئي 2024 تي سنڌ ۽ سنڌ واسين کان موڪلائي ويو. شهباز لنڊ جي معطلي کانپوءِ شهيد نصرالله جي امڙ امان پٺاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اها ڪاميابي سنڌ جي شعور جي ڪاميابي آهي ۽ آءٌ سنڌ جي سمورن ماڻهن جنهن جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏنو تن جي مان ٿورائتي آهيان.