حڪومت خلاف وڏي تحريڪ شروع ٿيڻ واري آهي: مبشر لقمان

اسلام آباد ( مبشر لقمان ) ملڪ جي ناليواري صحافي مبشر لقمان چيو آهي ته ڏينهون ڏينهن ملڪ ۾ وڌندڙ بجلي جي اگهن خلاف ڪجهه سياسي ۽ مذهبي جماعتون، جن کي بظاهر ته گهڻي عوامي حمايت ۽ ميڊئيٽ حاصل ناهي پر ان جا ڪارڪن ڀڃ ڊاهه، جلاءَ گهيراءُ توڙي روڊ رستا بند ڪرڻ ۾ مهارت رکن ٿا، جلد حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪنديون ۽ اهي اسلام آباد پهچي  حڪومت خلاف وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪنديون، ملڪ جو عوام مهانگي بجلي ۽ ناجائز بلن کان تمام گهڻو تنگ اچي چڪو آهي ان لاءِ مون سميت ملڪ جو عوام جماعت اسلامي جي يو آءِ سميت ٻين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جو ڀرپور ساٿ ڏيندو. مبشر لقمان وڌيڪ چيو ته عمران خان پارٽي ۾ ٿيندڙ ڌڙي بندي تي پريشان هرگز ناهي ۽ هو گروپ بندي جو حامي رهيوآهي، ماضي ۾ پڻ هو پارٽي اڳواڻن ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ جي بدران انهن کي هٿي ڏيندو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان عمل سان ئي اهو پارٽي تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکڻ چاهي ٿو اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جيل ۾ ٻنهي گروپن سان ڌار ڌار ملاقات ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.