ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت عوام کي گهر ويٺي نمبر پليٽن جي فراهمي جو نظام آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ضلعي ڏکڻ ۾ موٽر رجسٽريشن جي آفيس ٺاهڻ ۽ شام جي وقت به ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڪسائيز کاتي طرفان پريميئم نمبر پليٽون جاري ڪرڻ لاءِ مخصوص آفيسون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريميئم نمبر پليٽون جاري ڪرڻ جو پهريون مرحلو ڪامياب رهيو ۽ ان کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي، پريميئم نمبر پليٽن جي نيلامي جو ٻيو مرحلو به جلد شروع ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته رجسٽريشن جي طريقيڪار کي وڌيڪ سولو بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، ايڪسائيز کاتي کي ڪارپوريٽ طريقي سان هلائڻ چاهيون ٿا.