پيٽروليم ڊيلرن جي اڄ هڙتال، سپلاءِ جاري رهندي: اوگرا

ڪراچي/اسلام آباد( رپورٽر/ڪراچي) پيٽروليم ڊيلرن اڄ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته اوگرا موجب اڄ سپلاءِ جاري رهندي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن پاران هڙتال جي اعلان کان پوءِ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ۽ پيٽروليم ڊويزن گڏيل پڌرائي جاري ڪئي. پيٽروليم ڊويزن ۽ اوگرا گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته پيٽرول سڄي  ملڪ ۾ دستياب هوندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پمپ کليل رکن ۽ سپلائي کي يقيني بڻائين. گڏيل پڌرائي موجب ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو وافر مقدار موجود آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات موجود رهنديون.  آل پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن ۽ حڪومت وچ ۾ ٽيڪس جي معاملي تي ڳالهيون هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي ويون آهن ۽ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، ايسوسي ايشن اسلام آباد کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ پمپ بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي مطالبن جي حوالي سان آل پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي طرفان هڙتال واري معاملي تي اجلاس ختم ٿي ويو، جنهن دوران حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن وچ ۾ ٽيڪس جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. انجمن جي سڏ تي رات جو 12 وڳي کان اڳ ئي ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ مالڪن پيٽروليم شين جي سپلائي بند ڪري ڇڏي، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.