اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغانستان دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻي ته جيئن ان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي. قازقستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينج گڏيل آهن، اسان کي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ جٽادار امن اسان جو گڏيل مقصد آهي، اسان کي اتي جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ افغانستان حڪومت سان بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جو ڪردار اهم آهي، خطي کي جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کان آزاد ٿيڻ گهرجي، ترقياتي منصوبن لاءِ متبادل فنڊنگ جو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پنهنجي مقام جي ڪري پاڪستان هڪ اهم واپاري لنگهه آهي ۽ سي پيڪ ذريعي ايس سي او جي علائقائي رابطن جي ويزن تحت ترقي ۽ خوشحالي جا مقصد حاصل ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي. شهباز شريف چيو ته اسان کي غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته رياستي دهشتگردي جي مذمت ٿيڻ گهرجي، غزه ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ ظلم جاري آهن، ايس سي او کي فلسطين جي صورتحال تي آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ عوام جي بنيادي حق خوداراديت جي عالمي تسليم ٿيل اصولن جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسلام فوبيا جي خاتمي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اسلام فوبيا ۽ لسانيت خلاف آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي. شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل وٽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرارن جي حل لاءِ قابل عمل فريم ورڪ موجود آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ڪري انهن مسئلن جي حل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل طرفان 2 لک فلسطيني بي گهر ٿيا آهن اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۾ هزارين فلسطيني شهيد ٿيا. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، پرڏيهي قبضي سبب تڪرار پيدا ٿي رهيا آهن، تڪرارن سبب انسانيت مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته هي فورم اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺي فلسطين ۾ غير مشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو وڃي.