غزا ۾ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: سعودي عرب

رياض (م ڊ)سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان خبردار ڪيو آهي ته غزا ۾ عالمي قانونن جون ڀڃڪڙيون جاري رکڻ جي اجازت  نٿي ڏئي سگهجي.عرب ميڊيا موجب غزا ۾ جنگبدي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي آجيان ڪندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته فلسطين مسئلي جو حل ٻن رياستن جو قيام آهي.هن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن هجڻ تمام ضروري آهي، سعودي عرب جي ٻه رياستي حل جي مطالبي تي جلد کان جلد عمل ڪيو وڃي.

  1. زينب جميل فائرنگ ڪيس: جوابدار جي ضمانت رد

لاهور (م ڊ)سيشن ڪورٽ ماڊل زينب جميل تي فائرنگ ڪيس ۾ سندس مڙس محمد جميل جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. جوابدار خلاف ڊفينس بي پوليس ڪيس داخل ڪري  رکيو هو، جنهن جي عدالت عبوري ضمانت رد ڪئي، ماڊل زينب جميل پنهنجي مڙس تي فائرنگ جو الزام لڳايو هو.هلندڙ سال مئي ۾ لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ ماڊل زينب جميل تي قاتلاڻو حملو ٿيو هو، ماڊل کي 6 گوليون لڳل هيون.ياد رهي ته ماڊل زينب جميل 2020ع ۾ اداڪاري ۽ ماڊلنگ کي الوداع چئي ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.