آءِ ايم ايف جا سمورا شرط قبول، ساڍا ٽي هزار ارب رپين جا ٽئڪس لڳائڻ جي تياري

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ پيڪيج جون سموريون شرطون پوريون ڪري ورتيون آهن، ناڻي ۽ توانائي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ جو عمل ٽن کان چئن هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو، علي پرويز ملڪ چيو ته مان سمجهان ٿو ته  بيل آئوٽ پيڪيج 6 ارب ڊالرن کان وڌيڪ هوندو، آءِ ايم ايف به ان حوالي سان بنيادي موقف جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ناڻي ۽ توانائي واري مملڪتي وزير علي پرويز وڌيڪ چيو ته ڪو به وڏو مسئلو ناهي بچيو، بجيٽ سميت سمورا اهم قدم اڳ ۾ کنيا ويا آهن. ناڻي ۽ توانائي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ جو عمل ٽن کان چئن هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو، علي پرويز ملڪ چيو ته مان سمجهان ٿو ته بيل آئوٽ پيڪيج 6 ارب ڊالرن کان وڌيڪ هوندو، آءِ ايم ايف به ان حوالي سان بنيادي موقف جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ناڻي ۽ توانائي واري مملڪتي وزير علي پرويز وڌيڪ چيو ته هاڻ ڪو به وڏو مسئلو ناهي بچيو، بجيٽ سميت سمورا اهم قدم اڳ ۾ کنيا ويا آهن. يقيناً بجيٽ سڌارا معيشت تي بار آهن پر آءِ ايم ايف جو پروگرام استحڪام بابت آهي. علي پرويز ملڪ چيو آهي ته بجيٽ آءِ ايم ايف سان گڏجي ٺاهڻي هئي ۽ اسان کي ان جا ساڍا ٽي هزار ارب رپين جي ٽئڪس جا مطالبا پورا ڪرڻا پوندا.هن چيو ته  ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هي مشڪل بجيٽ آهي، اسان کي عوام جي تڪليف جو احساس آهي پر حڪومت لاءِ به اِهو سولو فيصلو نه هو.هن چيو ته بجيٽ آءِ ايم ايف سان گڏجي ٺاهڻي هئي، اسان کي سندن ساڍا 3 هزار ارب رپين جي ٽئڪس جا مطالبا پورا ڪرڻا پوندا، ايندڙ ٽن کان چئن سالن ۾ سئو ارب ڊالر جي فنانسنگ جي ضرورت آهي.مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته ڪجهه مهينن اندر ملڪ ۾ استحڪام آيو ۽ مهانگائي تي ظابطو آندو ويو آهي، وزيراعظم کان ڪابينا ميمبرن تائين نه ڪو پگهار وٺندو آهي نه مراعتون وٺندو آهي، 30 کان 40 غير ضروري کاتا بند ڪيا ويا آهن، جن وزارتن جي ضرورت ناهي اِهي صوبن جي سهڪار سان ختم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته نجڪاري جو پروگرام به تيزيءَ سان جاري آهي. علي پرويز وڌيڪ چيو ته 3500 بلين جي ٽيڪس مان 70 ارب اضافي ٽيڪس پگهاردار طبقي، شهيدن جي خاندانن، جنگ دوران زخمي ٿيندڙن، ڊيوٽي دوران فوت ٿيندڙ فوجي ۽ سول آفيسرن کي ريٽائرمينٽ تي ملندڙ هڪ پلاٽ تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته 50 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ قيمت برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته 200 يونٽن جي به قيمت 15 رپيا في يونٽ برقرار رکي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.