اوڏيري لال ۾ هندو واپاري جي آزادي لاءِ ريلي

اوڏيرولال(رپورٽر)اوڏيرولال اسٽيشن جي هندو واپاري کي 15 ڏينهن اڳ سيکاٽ ٿاڻي جي حد ڏهدري وٽان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ اوڏيرولال اسٽيشن جي سياسي سماجي ڌرين عزت علي برهماڻي، عبدالواحد بلوچ، اصغر بلوچ، قاسم ابڙو، عرفان عمراڻي، احساس ميرل سهتو، ايڊووڪيٽ محمد صديق سومرو، وڏيرو احمد خاصخيلي، فقير بلاول خشڪ، الهبچايو خاصخيلي، سنڌي ادبي سنگت جي عهديدارن، ڀلائي فائونڊيشن جي عهديدارن، يوسي اوڏيرولال اسٽيشن جي عوام ۽ ٽي سي اوڏيرولال جي عوام الهه بخش چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اوڏيرولال اسٽيشن جي هندو واپاري نريش ڪمار کي 15 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جو اڃان تائين ڪوبه پتو نه پيو آهي. هنن چيو ته بدامني وڌي وئي آهي، جنهن ڪري واپاري پنهنجو ڪاروبار نٿا ڪري سگهن. هنن چيو ته اها سنئين سڌي دهشتگردي آهي، جنهن کي بند ڪيو وڃي. هنن چيو ته سنڌي هندو سنڌ جو سرمايو آهن، جن کي هڪ سازش تحت تنگ ڪيو پيو وڃي ته جيئن هو ديس ڇڏي وڃن. هنن چيو ته سنڌي هندو اسان جا ڀائر آهن اسان هنن سان هر موڙ تي گڏ آهيون ۽ سنڌي هندو خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور مغوي نريش ڪمار کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.