سکر/خانپورمهر (رپورٽ: آزاد مهر+ ميهرمهر) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان ڪارنهن جي معاملي تان 2 سال اڳ شروع ٿيل تڪرار 30 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ساوند سندراڻي تڪرار جو نبيرو اڄ سردار علي گوهر خان مهر جي ميزباني هيٺ گوهرپئلس خانڳڙھه ۾ ٿيندو، جنهن جون تياريون پڻ مڪمل ڪيون ويون آھن، مليل ڄاڻ موجب نبيري ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، ايم پي اي عابد سندراڻي، ڊاڪٽر علي نواز ساوند، ڊاڪٽر طارق ساوند، ميراحسان خان سندراڻي، رئيس عبدالسبحان ساوند، مير اسرار خان سندراڻي سميت ٻنهي برادرين جا رئيس، مقدم ۽ چڱا مڙس شرڪت ڪندا، ان کان علاوهه مختلف قبيلن جا سردار، سيد ۽ معزز پڻ فيصلي ۾ شرڪت ڪندا، فيصلو سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي ۾ ٿيندو، ذريعن موجب فيصلي ۾ شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي کي الڳ نموني نبيريو ويندو، جڏهن ته ساوند سندراڻي تڪرار ۾ 30 ماڻهون قتل ٿي چڪا آھن 45 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آھن، جڏهن ته تڪرار ۾ ملڪ ۽ ٿهيم برادري جا 4 ڄڻا به گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي چڪا آھن، ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري جا ميزباني جا انتظام گوهر پئلس خانڳڙهھ مڪمل ڪيا ويا آھن، جڏهن ته پوليس پڻ سيڪيورٽي پلان جوڙي ڇڏيو آھي جنهن موجب نبيري تي ٻنهي ڌرين جي ماڻهن مٿان واضح ڪيو ويو آھي ته هٿيار کڻي اچڻ تي مڪمل طور پابندي آھي، ماڻهن جي جهڙتي وٺي کين نبيري واري هنڌ ڇڏيو ويندو.