اوٻاوڙي لڳ بي رحم ويڳي پٽ ڪارنهن الزام هيٺ ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙي لڳ گنگل موڙ لنڪ روڊ وٽ بي رحم ويڳي پٽ خدابخش مزاري گھر ۾ ويٺل  پنھنجي ماءُ مائي روبينا  کوسو زال مشتاق مزاري کي ڪارنھن الزام ھيٺ بندوق جا فائر ڪري موقعي تي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واقعي واري ھنڌان آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اطلاع باوجود اوٻاوڙي پوليس دير سان واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان موقعي تي پوليس جو چوڻ ھو ته جوبدار پنھنجي ويڳي ماءُ کي ڪارنھن تھمت ھڻي بندوق جافائر ڪري موقعي تي قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس جا مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن، ان کي جلد گرفتار ڪري مقتولا جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.