ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي گلستان جوهر ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 15 اهلڪارن خلاف دهشتگردي ۽ قتل جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گلستان جوهر پوليس اڱاري ۽ اربع جي وچ ڌاري ايڊووڪيٽ قادر بخش راڄپر جي فرياد تي اڳوڻي ايس ايڇ او گلستان جوهر انسپيڪٽر راجا تنوير سميت 15 کان وڌيڪ اهلڪارن خلاف قتل جي ڪوشش، دهشتگردي ۽ ٻين ڪيسن ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو. ڪيس داخل ٿيڻ کان اڳ ايس ايس پي اوڀر جي حڪم تي ايس ايڇ او گلستان جوهر انسپيڪٽر راجا تنوير کي سندس عهدي تان معطل ۽ ريورٽ ڪيو ويو آهي . ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڱاري جي رات 8 وڳي قادر بخش ايڊووڪيٽ گلستان جوهر ٿاڻي ويو ۽ پنهنجي ڪلائينٽ جي ڪار رليز جا آرڊر پيش ڪيا ته گاڏي ڏني وڃي جنهن تي ايس ايڇ او انسپيڪٽر راجا تنوير سندس گاڏي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. هن چيو ته پوليس نه رڳو قادر بخش ايڊووڪيٽ سان بدتميزي ڪئي پر مٿس تشدد ڪري کيس بند ڪري ڇڏيو. ٿاڻي تي آيل 4 کان 5 وڪيلن کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. زخمي وڪيلن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، درخواستگذار جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو ۽ ٻيا وڪيل 8 وڳي گلستان جوهر ٿاڻي تي احتجاج ڪرڻ لاءِ پهتا ته پوليس مٿن ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وڪيلن جي ڌرڻي بعد آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ايس پي گلستان جوهر، ايس پي گلشن اقبال ۽ ڊي ايس پي گلستان جوهر ٿاڻي پهچي وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون. شروعات ۾ ايس ايس پي پاران سندن ٽنهي مان ٻه مطالبا مڃيا ويا ته ايس ايڇ او کي عهدي تان هٽايو وڃي، کيس ريورٽ ڪيو وڃي، ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو به قبول ڪيو ويو. ايس ايڇ او گلستان جوهر راجا تنوير جو چوڻ آهي ته وڪيل جڏهن ٽڪ ٽاڪر ڪار جو رليز آرڊر کڻي پاسي واري ڪمري ۾ داخل ٿيو ته کيس چيو ويو ته توهان ايس ايڇ او جي آفيس ۾ ويهو ۽ جاچ پڙتال کان پوءِ گاڏي توهان جي حوالي ڪيون ٿا، جنهن بعد وڪيل بدتميزي ڪئي ۽ معاملو اڳتي وڌي ويو، جنهن بعد وڪيلن جي وڏي انگ گلستان جوهر ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري پوليس تي پٿراءُ ڪيو. پوليس صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ هوائي فائرنگ ۽ لاٺي چارج ڪئي .