ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ امڪاني برساتي ٻوڏ جي صورتحال ۽ حفاظتي قدمن بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي گذري.عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت ڌرين کان 15 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار محمد خان چيو ته هن سال به مختلف ادارن پاران معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، درخواستگذار چيو ته ادارن کي ان حوالي سان انتظام ڪرڻ گهرجن، درخواستگذار چيو ته حڪومت جي ناقص حڪمت عملي سبب 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ سبب عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان رپورٽ طلب ڪئي وڃي.