کوکراپار(رپورٽ: عنايت قمبراڻي) ملير ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ويجهو چيڪو جي باغ مان نوجوان جو بغير منڊي (سسي) ڪٽيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ميمڻ ڳوٺ ڪرائيم برانچ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ميمڻ ڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته صبح جو ڳوٺاڻن رستي تان گذرندي لاش جي اطلاع پوليس مددگار 15 تي ڏني جنهن کان پوءِ پوليس پهچي سسي کان بنا لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ عرفان ولد جانب علي بلوچ طور ٿي آهي جيڪو ڊالميا ڪراچي جو رهائشي ٻڌايو وڃي ٿو ، واقعو ذاتي دشمني جو ڪارڻ لڳي ٿو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف وارثن ۽ علائقي واسين پاران لاش جي ڪپڙن ذريعي سڃاڻپ بعد ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو سندن چوڻ هو ته لاش جي سسي (منڊي) برآمد ڪري ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ ٿاڻي اڳيان ڌرڻو جاري رھندو جنهن بعد حيران ڪن انداز ۾ پوليس مائي نياڻي درگاهھ وٽان لاش جي منڊي هٿ ڪري ورتي ان موقعي تي پوليس پاران احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي خاطري ڪرائي وئي ته جلد قاتل گرفتار ڪنداسين پوليس جي خاطري تي وارثن پاران احتجاج ختم ڪيو ويو آھي..