نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ورڪنگ گروپ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي قيد جو فيصلو هوڏ ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري خلاف ذلفي بخاري جي نامياري لا فرم ذريعي گڏيل قومن ۾ داخل پٽيشن تي يو اين ورڪنگ گروپ جي قانوني راءِ سامهون آئي آهي جنهن ۾ عمران خان جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ورڪنگ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو يو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري جو ڪو قانوني جواز ناهي، ظاهري طور ان جو مقصد کيس نااهل ڪرڻ هو. رپورٽ ۾ حڪومت کان ورڪنگ گروپ کي پاڪستان جي دوري ۽ پي ٽي آ ءِ باني جي قيد ۾ حالت جي آزاداڻي جاچ اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ورڪنگ گروپ پنهنجي رپورٽ ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي دفاع جو حق نه ڏنو ويو، عمران خان جي وڪيلن کان جارح جو حق کسي سرڪاري وڪيلن کي ڏنو ويو. ورڪنگ گروپ جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي پاڪستاني حڪومت جو موقف ڄاڻڻ لاءِ رابطا ڪيو ويو جنهن ڪو به جواب نه مليو.
اسلام آباد ( بيورو/ م ڊ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ عمران خان جي گرفتاري ۽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ تي گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي ان کي پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته خودمختيار رياست طور پاڪستان ۾ عدالتن ذريعي آئين ۽ قانون تي عمل ٿيندو آهي، آئين، قانون ۽ عالمي اصولن کان مٿانهون ڪو به مطالبو امتيازي، جانبداراڻو ۽ انصاف جي خلاف هوندو. قانون واري وزير چيو ته عمران خان هڪ سزا يافته قيدي طور جيل ۾ آهي، کيس ملڪي آئين، قانون ۽ عالمي اصولن موجب سمورا حق حاصل آهن، ڪيئي ڪيسن ۾ کيس رليف ملڻ شفاف ۽ منصفاڻو ٽرائل عدالتي نظام جو مظهر آهي. ياد رهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ورڪنگ گروپ گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي قيد جو فيصلو غلط ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو.