اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) جسٽس بابر ستار خلاف مهم ۾ ملوث 10 سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار خلاف مهم ۾ ملوث 39 مان 10 سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس بابر ستار جي خط تي هلندڙ توهين عدالت ڪيس ۾ ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم ونگ عدالت کي تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم ونگ چيو ته هي هيش ٽيگ آزاد ڪشمير جي شهري خواجا محمد ياسين جي اڪائونٽ مان شروع ڪيو ويو هو پر هو انڪوائري ۾ شامل نه ٿيو. عدالت چيو ته هو نيلم وادي ۾ ويٺل آهي، جسٽس بابر ستار جو ان تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو، اهو حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. ايف آءِ اي موجب ڪراچي جي شهري سيد فيضان رفيع به هيش ٽيگ شروع ڪيو جنهن تي هن کي نوٽيس ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته هو پرڏيهه ۾ آهي.