جسٽس شفيع سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس عاليا کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي ، جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ شفيع صديقي جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چيئرمين جوڊيشل ڪميشن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ججز جي مقرري واري ڪميشن جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ شفيع صديقي جي نالي جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ ٽن ججز جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس صلاح الدين پنهور جي نالن تي به غور ويچار ڪيو ويو. هوڏانهن جسٽس عاليه نيلم کي بطور چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي، .لاهور هاءِ ڪورٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت جج چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ٿيندي. چيئرمين جوڊيشل ڪميشن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس سپريم ڪورٽ ۾ ٿيو.اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي لاءِ جسٽس شفيع محمد صديقي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور جي نالن تي غور ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي لاءِ جسٽس شجاعت علي خان، جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس عاليه نيلم جا نالا غور هيٺ آيا.