نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي ڀارتي پارليامينٽ لوڪ سڀا ۾ پاڻ سڳورن صه تي درود پاڪ موڪليو ۽ پنهنجي تقرير دوران قرآن پاڪ جو حوالو به ڏنو جنهن تي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جا ميمبر تپي باهه ٿي ويا. ڀارتي لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي مودي سرڪار کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو. هن پنهنجي تقرير دوران پاڻ سڳورن صه تي درود موڪليندي چيو ته سڄي دنيا ۾ پيغمبرِ اسلام سميت سمورين عظيم هستين عدم تشدد ۽ خوف کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته بي جي پي پنهنجي ملڪ ۾ رڳو نفرت، ڊپ ۽ تشدد پکيڙي رهي آهي، حڪومتي اڳواڻ هندو هجڻ جي دعويٰ ته ڪن ٿا پر گڏوگڏ نفرت به پکيڙي رهيا آهن، راهول گانڌي جي بيان تي مخالفن گوڙ ڪندي کانئس لفظ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. راهول گانڌي انتهاپسند هندو وزيرن جي موجودگي ۾ اسلام جي امن پسندي ۽ قرآني تعليمات جو حوالو ڏيندي چيو ته ڊپ کي ختم ڪريو ۽ ڊڄو نه، لوڪ سڀا ۾ اسلام ۽ قرآن پاڪ جو ذڪر ڪرڻ تي بي جي پي مڇرجي پئي. ان دوران وزيراعظم نريندر مودي سميت گهرو وزير اميت شاهه پنهنجي جاءِ تي بيهي اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته مائيڪ بند ڪئي وڃي ۽ چيل لفظ واپس ورتا وڃن. وزيراعظم مودي اپوزيشن ليڊر کان پنهنجي بيان تي معافي جو مطالبو ڪندي چيو ته راهول گانڌي هندو معاشري تي تشدد جو الزام لڳايو آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته نريندر مودي ۽ آر ايس ايس سمورو هندو سماج نه آهن. راهول گانڌي پنهنجي تقرير ۾ بي جي پي کي پيغام ڏنو ته سڄي دنيا ۾ پيغمبر اسلام سميت سڀني عظيم هستين عدم تشدد ۽ ڊپ کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.